اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند)ڌاڙيلن هٿان اغوا ڪيل استاد ثناءالله ميمڻ جي بازيابي لاء احتجاجي ريلي گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ايسوسي ايشن (گسٽا)پاران هاءِ اسڪول کان مين چوڪ تائين ڪڍي ويئي جنهن ۾ اسڪول جي سڀني استادن ۽شاگردن توڙي ڪلارڪن شريڪ ٿي ايس ايس پي رحيم يارخان ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان پرزور مطالبو ڪيو ته اسڪول جي اغوا ٿيل استاد ثناالله ميمڻ کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ان موقعي تي استاد اڳواڻن استاد الهيار خان رند ۽ ٻين استادن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏنهن اغواڪيل استاد ثناالله ميمڻ کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.










