اعصام الحق نيو يارڪ اوپن ڊبل ٽينس ٽائٽل کٽي ورتو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق نيو يارڪ اوپن جو ڊبل ٽائٽل برطانوي ساٿي رانديگر سان گڏ کٽي ورتو آهي. برطانوي رانديگر ڊومينڪ اينگلٽ سان گڏجي وڏي ٽف مقابلي بعد ٽائٽل کٽيو. هنن اسٽيو جانسن ۽ ريلي اوپيلڪا تي مشتمل حريف رانديگرن جي جوڙي کي 6 جي ڀيٽ ۾ 7 پوائنٽ تان ٻنهي ميچز ۾ شڪست ڏني. پاڪستاني ٽينس اسٽار جو هي 18 هون ڊبل ٽائٽل آهي جڏهن برطانوري رانديگر 14 ڀيرو ڊبل ٽائٽل کٽيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو