اظهر صديق جي گهر تي حملي جي مذمت ڪيون ٿا: فيصل چوڌري

اظهر صديق جي گهر تي حملي جي مذمت ڪيون ٿا: فيصل چوڌري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وڪيل فيصل چوڌري سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اظهر صديق جي گهر تي حملي جي هو مذمت ڪن ٿا.سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهو سمجهيو پيو وڃي ته وڪيل ڊڄي ويندا ته پوءِ اهو خواب آهي، پي ٽي ايم حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر عدليه تي حملو ڪيو آهي.فيصل چوڌري چيو ته عدليه کي ڪير به نه سيکاري ته ڪهڙي بينچ ٺاهي، بينچ ٺاهڻ عدليه جي مرضي آهي، هو چاهين ٿا ته سمورو معاملو قانوني طريقي سان حل ٿئي.هن چيو ته وڪيل ڪنهن پارٽي جا اوزار نه آهن، وڪيل رياست جا آفيسر آهن، جيڪو جج آئين سان گڏ بيهندو اهو اسان جو هيرو آهي.پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري جو چوڻ هو ته وڪيل ۽ عدليه جا جج آئين سان گڏ آهن، هڙتال کي ناڪام بڻائڻ تي وڪيلن جا ٿورائتا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو