شهدادڪوٽ( ڊ ر ) شهدادڪوٽ ۾ مذهبي جماعت جي ڪارڪنن جو احتجاج، تنظيم اصلاح الفقراء حسينه نقشبده جماعت اهلسنت والجماعت شهدادڪوٽ ( سيد حسين شاه قمبر واري جي جماعت ) پاران سيد مطيع الله شاه، حافظ عبدالقادر، ميان ذوهيب صديقي، حافظ ممتاز گاڏهي، مولوي عبدالخالق ميتلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته عشق مصطفيٰ صه ۾ جان به قربان آهي هنن چيو ته فرانس پاران رسول ڪريم صه جي شان گستاخي ڪئي ۽ اسان جي حڪومت هنن سان سفارتي لاڳاپا قائم رکي پئي اچي جيڪا ڪنهن به عاشق رسول صه کي قبول نه آهي هنن مطالبو ڪندي چيو ته فرانس سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪري ڪروڙين عاشق مصطفيٰ صه جي دل آزاري ختم ڪئي وڃي










