ميرپور ماٿيلو (ظھير وسير) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم چيو آهي ته بغير موڪل جي مسلسل غير حاضر رهندڙ استاد جيڪي نوٽيسن جو جواب به نه ٿا ڏين انهن کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ لاءِ قانون موجب ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ تعليم جي بهتري لاءِ قائم ٿيل ڊسٽرڪٽ ريفارم اووسائيٽ ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر سميت تعليم کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته بهتر تعليم کان سواءِ ترقي ڪرڻ ممڪن ناهي انڪري اسان سڀني کي تعليم جي بهتري لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪي استاد سچائي سان پنهنجا فرض ادا ڪري قوم جي ٻارن کي تعليم ڏئي رهيا آهن انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ خاطر کين مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا جڏهن ته غير حاضر رهندڙ استادن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. گڏجاڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر تعليم کاتي جي آفيسرن کي سختي سان هدايت ڪئي ته بائيوميٽرڪ جي تبديلي کانسواءِ ڪنهن به استاد جي بدلي نه ڪئي وڃي جڏهن ته سموريون بدليون اوورسائيٽ ڪاميٽي جي سفارش تي ڪيون وڃن ته جيئن انهن اسڪولن ۾ استادن کي مقرر ڪري سگهجي جتي استادن جي کوٽ آهي. هن چيو ته ڪيترائي استاد شڪايتون ڪندا رهن ٿا ته سندن جائز مسئلا به حل نه ٿا ٿين، اهڙي صورتحال ڪنهن به ريت برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي انڪري تعليم کاتي جي آفيسرن کي گهرجي ته استادن جا جائز مسئلا بغير ڪنهن عذر جي حل ڪن ته جيئن استادن جون مشڪلاتون ختم ٿي سگهن. ان موقعي تي ڪاميٽي پاران بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ضلعي گهوٽڪي جي 30 استادن کي مڃتا طور سرٽيفيڪٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.










