ٻيلو (شعيب الرحمان ميمڻ)ڳوٺ محمد خان طاھراڻي جي 1995ع ۾ تعمير ٿيل بوائز پرائمري اسڪول کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳو تازين برساتن کانپو۽ ڪمرن جي ڇتين جا چاپڙ ۽ ورانڊي جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول آهي ،انتظاميه اسڪول جي مرمت نه ڪرائي تعليمي عمل شروع ٿي وڃڻ بعد اسڪول جي زبون حالت سبب اسڪول ۾ تدريسي عمل جاري رکڻ مشڪل بڻجي ويو اسڪول جا واش روم به خراب حالت ۾ آھن زبون حال ۽ کنڊر نما اسڪول ۾ والدين پنھنجي ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ کان انڪار ڪندي تعليم کاتي جي اختيارين کان ترت اسڪول جي مرمت ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

ھوڏانھن استادن جو چوڻ آهي ته اسان وٺ 120 ٻارتعليم پرائين ٿا پر اسڪول جي بلڊنگ زبون آھي تنھن جي ڪري ٻار اسڪول گھٽ ٿا اچن ڳوٺاڻن وڏيرو عبدالغني خاصخيلي، رسول بخش طاھراڻي، فھيم خاصخيلي ،زبير خاصخيلي،فداحسين خاصخيلي،۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي اسان اختيارين کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن پر ازالو نٿو ٿئي ھنن سنڌ حڪومت ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي اسان جي ٻارڙن جو مستقبل دائو تي لڳل آھي اسان کي اسڪول جي مرمت ڪرائي ڏني وڃي جيئن اسان جا ٻارڙا تعليم حاصل ڪري سگهن.










