اسڪول جي بلڊنگ کان محروم ٻارڙا جهوپڙي ۾ ويهي پڙهڻ لڳا

اسڪول جي بلڊنگ کان محروم ٻارڙا جهوپڙي ۾ ويهي پڙهڻ لڳا

ٽنڊو غلام حيدر(ميرحسن رند) ڳوٺ گل محمد اعواڻ ديھ لڪڙاه ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول الهبچايو اعواڻ جي پڪي بلڊنگ نه هئڻ ڪري سوين معصوم گلن جهڙا ٻارڙا ڪکائين جهوپڙي ۾ علم پرائڻ تي مجبور، ڪنهن به چونڊيل نمائيندي ان طرف ڌيان نه ڏنو. ان سلسلي ۾  نثار اعواڻ، غلام مرتضي، مراد، اسماعيل، سليم، حاڪم اعواڻ ۽ الهبچايو اعواڻ سميت ڪافي ٻين ڳوٺاڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وڏي افسوس ۽ ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته جتي دنيا چنڊ تي وڃي پهتي آهي پر هن جديد دور ۾ به تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي يونين ڪائونسل نصير خان چانگ جي قديمي ڳوٺ الهبچايو اعواڻ جا رهواسي اڄ به پٿر واري زندگي گذارڻ تي مجبور ۽ لاچار بڻيل آهن.

مذڪوره رهواسين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسان کي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به تڪ جي چونڊيل نمائيندن ايم پي اي يا ايم اين اي پاران بنيادي ضروري سهولتن کان هن ڳوٺ کي هميشه جيان نظر انداز ڪيو ويو آهي جتي ڪا بنيادي سهولت ميسر نه آهي جنهن سبب اسان کي روڊ رستي بجلي ۽ تعليم پرائڻ لاءِ ڪا اسڪولي پڪي عمارت جهڙين سهولتن کان پري رکيو ويو آهي جنهن جي ڪري اسين پنهنجن معصوم ٻچڙن شاگردن توڙي شاگردياڻين کي مجبور ٿي ڪکائين جهوپڙي ۾ تعليم پڙهائي رهيا آهيون. هنن وزير اعليٰ سنڌ، وزير تعليم  سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳوٺ  کي روڊ بجلي ڏيڻ سان گڏ اسڪول جي پڪي بلڊنگ فوري طور فراهم ڪري ڏني وڃي ته جيئن اسان جي ٻچڙن جو مستقبل داءُ تي لڳڻ کان بچي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو