خانپورمهر(ن س) خانپورمهر ويجهو بااثرن پاران اسڪول جي بلڊنگ ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو احتجاج. خبرموجب خانپورمهر ويجهو ڳوٺ مير پتافي ۾ پرائمري سرڪاري اسڪول جي بلڊنگ بااثرن وڏيرن پاران ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ اسڪول جي شاگردن اعجاز احمد پتافي. صدر دين پتافي. مولا بخش. شبير احمد. شعیب پتافي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته بااثرن ۽اسڪول جي استاد خادم حسين. سپروائيز گل حسن پتافي ملي ڪري اسان جي اسڪول جي بلڊنگ ٻئي هنڌ کڻائي ويا آهن.هنن چيو ته نئين منظور ٿيل اسڪول جي بلڊنگ ساڳئي هنڌ تعمير ڪرائي وڃي، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت واپس ساڳئي هنڌ منتقل ڪئي وڃي ٻئي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.










