سيٺارجا(ن س)سيٺارجا ڀرسان اسڪارپ کاتي جي پمپنگ اسٽيشن جي بند هجڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو,اسان کي نه راشن گهرجي نه ڪو ٻيو سامان خدا جي واسطي اسان جي ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي اسان پينو فقير نه آھيون اسان جا ٻار ٻچا روڊن رستن تي بي يارو مددگار بڻيل آھن,مختلف بيمارين جي ڪري اسان جا ڪيترائي ٻار بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن فوري طور تي جيڪڏهن پمپنگ اسٽيشن نه هلائي وئي ت اسان ھاء وي بند ڪنداسين,احتجاج ڪندڙ تفصيل موجب:سيٺارجا ڏيپارجا سميت مختلف ڳوٺن مان سم نالن جو پاڻي نيڪال نه ء اسڪارپ کاٿي جي پمپنگ اسٽيشن جو بند هجڻ خلاف مختلف ڳوٺن جي ماڻھن جو سيٺارجا ڀرسان جي پمپنگ اسٽيشن اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو,احتجاج ڪندڙن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل هڪ مهيني کان اسان جي ڳوٺن ۾ اٺ کان نو فٽ پاڻي بيٺو آھي پر اهو پاڻي برسات جو نه آھي پر سموري ضلعي خيرپور جو پاڻي سم نالن ذريعي اسان ڏانهن موڪلي پمپنگ اسٽيشن بند ڪئي وئي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پمنگ اسٽيشن جو ٽرانسفارمر خراب پيو آھي جنهن جي ڪري سمورو پاڻي اسان جي ڳوٺن ۾ داخل ٿي رهيو آھي پر هن وقت تائين ڪنهن به آفيسر کي اسان مٿان رحم نٿواچي اسان جا ڪيترائي معصوم ٻار روڊن رستن تي بي يارو مددگار مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن پر ڪوبه اسان جي داد فرياد ٻڌڻ وارو ناهي اسان کي ٻيو ڪجه به نه گهرجي صرف اهن پمپنگ اسٽيشن کي هلايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان ٻارن ء عورتن سميت قومي شاهراه کي بند ڪنداسين










