اسپين جا 7 گول روڪيندڙ ووزينها جي ماءُ لاءِ ويزا منظور

اسپين جا 7 گول روڪيندڙ ووزينها جي ماءُ لاءِ ويزا منظور

ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)آمريڪي ايوانِ نمائندگان ۾ اقليتي اڳواڻ، هيڪيم جيفريز، آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڪيپ ورڊي جي گول ڪيپر’ووزينها Vozinha ‘جي ماءُ کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيارين، ته جيئن هوءَ ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پٽ کي کيڏندي ڏسي سگهي.
انا ڪينڊيڊا ايورا پنهنجي پٽ کي اسپين خلاف بنا گول برابر ٿيل ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ڏسڻ لاءِ سفر نه ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ گهربل ضمانتي رقم 15 هزار ڊالر(بانڊ) سندس وس کان ٻاهر هئي.
جنوري ۾ڪيپ وردي نالي Cape Verde انهن ڪيترن ئي ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو، جن جي شهرين کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ 15 هزار ڊالر تائين بانڊ جمع ڪرائڻو پوندو هو. اها پاليسي ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا طرفان ويزا جي مدت کان وڌيڪ رهائش کي روڪڻ لاءِ متعارف ڪرائي وئي هئي.
گذريل مهيني واشنگٽن اعلان ڪيو ته ورلڊ ڪپ جا ٽڪيٽ هولڊرز هن شرط کان آزاد هوندا، ڇاڪاڻ ته حڪومت ايندڙ ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ لاءِ “قانوني سفر کي آسان بڻائڻ” چاهي ٿي. پر ان وقت تائين اعليٰ خرچن سبب ايورا اڳ ئي ائٽلانٽا تائين 6,400 ڪلوميٽر (3,900 ميل) جو سفر ڪرڻ جو ارادو ڇڏي چڪي هئي.
هن چيو: “مان دل سان چاهيو ٿي ته سفر ڪري ميچ ڏسان، پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو.” پنهنجي پٽ جي ورلڊ ڪپ ۾ تاريخي ڪارڪردگي ڏسڻ لاءِ آمريڪا نه وڃي سگهڻ تي وڏي پيماني تي ردعمل سامهون آيو آهي.
هيڪيم جيفريز سوشل ميڊيا تي لکيو: “ڪنهن به ماءُ کي پنهنجي ٻار کي تاريخ رقم ڪندي ڏسڻ جو موقعو وڃائڻ نه گهرجي. مون پرڏيهي وزير مارڪو روبيو کي درخواست ڪئي آهي ته هو پنهنجي وس آهر هر ممڪن قدم کڻي، ته جيئن هوءَ آچر تي ٿيندڙ ايندڙ ميچ ڏسي سگهي.”
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي هڪ اهلڪار چيو ته ايورا جي ويزا درخواست جو ڪو رڪارڊ موجود ناهي، پر رانديگرن جي مائٽن کي ويزا بانڊ کان ڇوٽ حاصل ٿي سگهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته واشنگٽن “هن رانديگر جي خاندان سان فعال رابطي ۾ آهي ته جيئن ويزا جي سهولتن بابت مدد فراهم ڪري سگهجي.”
“مان چاهيان ٿو ته هوءَ هتي هجي”
ڪيپ ورڊي جي گول ڪيپر ووزينها، جنهن جو اصل نالو جوسيمار ڊياس آهي، سومر تي ورلڊ ڪپ جي پنهنجي ملڪ جي پهرين ميچ ۾ اسپين جي طاقتور حملي آور لائن کي گول ڪرڻ کان روڪي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.
ميچ ختم ٿيڻ کان پوءِ هو جذباتي ٿي روئي پيو
بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته سندس جذبات جو هڪ وڏو سبب اهو به هو ته سندس ماءُ کيس پنهنجي اکين سان ڏسڻ لاءِ اچي نه سگهي.
هن چيو: “منهنجي ماءُ به ويزا جي مسئلي سبب هتي نه اچي سگهي. ويزا لاءِ گهربل رقم وقت تي گڏ نه ٿي سگهي، ۽ مان چاهيان ٿو ته هوءَ هتي هجي.”
ورلڊ ڪپ ۾ اميگريشن مسئلا
ٽورنامينٽ جي شروعاتي مرحلن ۾ اميگريشن سان لاڳاپيل ڪيترائي مسئلا سامهون آيا آهن. صوماليا جي ريفري Omar Artan کي ورلڊ ڪپ ميچن ۾ ريفرنگ ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو.
ان کان علاوه، ايران جي ٽيم جي ڪجهه انتظامي عملي کي به آمريڪي ويزا نه ملي سگهي، جڏهن ته ٽيم تي سخت سفري پابنديون لاڳو ڪيون ويون، جنهن سبب هنن پنهنجو بنياد ميڪسيڪو منتقل ڪيو.
ڪيپ ورڊي فٽبال فيڊريشن جي صدر ماريو سيميڊو چيو ته ننڍن ملڪن لاءِ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ وارن مداحن کي سفر، رهائش ۽ ٽڪيٽن جا وڏا خرچ به درپيش آهن.
هن رائٽرز سان ڳالهائيندي چيو: “ڪنهن ڪيپ ورڊي شهري لاءِ ورلڊ ڪپ ڏسڻ لاءِ سفر ڪرڻ آسان ناهي. هوائي سفر، رهائش ۽ ميچن جون ٽڪيٽون سڀ اهم خرچ آهن.
اميگريشن بابت خدشن کي سنڀالڻ سان گڏ اهڙا طريقا به موجود آهن، جن سان مداحن کي سفر ڪرڻ جا بهتر موقعا فراهم ڪري سگهجن. جيڪڏهن ڪنهن رانديگر جو خانداني فرد ٽورنامينٽ ڏسڻ چاهي ٿو ته ان لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي.”
اسپين جنهن کي هن سال ورلڊ ڪپ فٽبال چيمپئن لاءِ فيورٽ قرار ڏنو پيو وڃي، تنهن جي ناليوارن تيز رانديگرن جا 7 يقيني گول ڪيپ ورڊي جي گول ڪيپر روڪي ميچ برابر ڪري پنهنجي ملڪ لاءِ پهريون ورلڊ ڪپ پوائنٽ حاصل ڪيو. سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. هي پرتگال ۾ ڪلب ۾ کيڏندو آهي جنهن کي ساليانو 40 هزار يورو ملندا آهن. اسپين جي ميچ کانپوءِ فٽبال جي پوري دنيا جون هن تي نظرون آهن ۽ شايد 40 سالن جي عمر ۾ سندس ڀاڳ کلي.
ڪيپ ورڊي اولهه آفريڪا جي اڪثر آتش فشائي ٻيٽن تي مشتمل 6 لک آبادي جو ملڪ آهي، هي علائقو ماضي ۾ پورچوگيزن جي ڪالوني رهيو آهي ۽ اڄ به ڪيٿولڪ عيسائي مذهب رکندڙ آبادي واري هن ملڪ جي ٻولي پرتگالي آهي.
5 جولاءَ 1975 تي پرتگال کان آزدي ماڻيندڙ هي ننڍڙو ملڪ سياحن لاءِ اهم مرڪز سمجهو ويندو آهي، معدني وسيلن جي کوٽ سبب آمدن جو وڏو ذريعو سياحت، سروسز، پرڏيهه مان ايندڙ رقم ۽ مڇي جي ڪاروبار مان ٿئي ٿي. هي آفريڪا ۾ مضبوط جمهوريت وارو ملڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو