اسپيس ايڪس جو راڪيٽ 4 خلابازن کي کڻي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو

اسپيس ايڪس جو راڪيٽ 4 خلابازن کي کڻي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)هڪ اسپيس ايڪس راڪيٽ 4 ملٽي نيشنل خلابازن جو عملو کڻي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن لاءِ روانو ٿيو آهي.آمريڪي خلائي ايجنسي نيشنل ايروناٽڪس اينڊ اسپيس ايڊمنسٽريشن (ناسا) جو چوڻ آهي ته اسپيس ايڪس راڪيٽ ڪرو 6 مشن تي 4 ملٽي نيشنل خلابازن جي عملي سان گڏ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ڏانهن روانو ٿي ويو آهي.ناسا جو چوڻ آهي ته 4 رڪني ٽيم جنهن ۾ 2 آمريڪي، 1 روسي ۽ 1 يو اي اي خلاباز شامل آهن ناسا جي ڪينيڊي اسپيس اسٽيشن کان اسپيس ايڪس جي ڪرو ڊريگن ڪيپسول ذريعي انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي.4 خلابازن جي ٽيم ايندڙ 6 مهينن تائين انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تي رهڻ دوران انساني سيلن جي واڌ ويجهه کان وٺي مائڪرو گريوٽي ۾ آتش گير مواد جي ڪنٽرول تائين هر شيءِ تي 200 تجربا ۽ ٽيڪنيڪل مظاهرا ڪندي.ياد رهي ته ارب پتي واپاري ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس پاران قائم ٿيڻ کانپوءِ ناسا جي عملي کي خلا ۾ وٺي وڃڻ واري اها ڇهين اڏام هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو