اسپتال ۾ ڪرپشن بدنظمي خلاف شهرين جو ڌرڻو

اسپتال ۾ ڪرپشن بدنظمي خلاف شهرين جو ڌرڻو

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي) تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽرن، دوائن جي کوٽ مبينا ڪرپشن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف شاهي بازار مان ريلي ڪڍي   احتجاجي مظاهرو ڪري اسپتال گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڪبر علي کوسو بابل لطيف سنڌي  اڪرم کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت تعلقه اسپتال م وڏي بجيٽ ھئڻ باوجود دوائن جي شديد کوٽ آھي 22 ڊاڪٽرن مان صرف 4 مقرر ٿيل آُھن ايڪسري الٽرا سائونڊ سميت ڪاب سهولت ميسر ناهي ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب حاملا عورتن کي وڏا خرچ ڪري حيدرآباد وڃڻو پوي ٿو اسپتال جي وارڊن جي حالت انتهائي خراب آھي بيڊن تي چادر ۽ وهاڻو به نٿو رکيو وڃي گندگي جو آزار پڻ وڌيل آھي  مريضن سان اڍنگو رويو رکيو وڃي ٿو ايمبولنس نه هئڻ سبب زخمين کي سخت مشڪلاتون پش اچن ٿيون هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ت جلد کوٽ ختم ڪئي وڃي هوڏانهن ڌرڻي سبب ايم ايس اسپتال نه پهتو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو