اسٽيٽ بينڪ جون هدايتون، بئنڪون صبح 8 وڳي کُليون

اسٽيٽ بينڪ جون هدايتون، بئنڪون صبح 8 وڳي کُليون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)وفاقي حڪومت جي حڪم تي بئنڪون هفتي ۾ 6 ڏينهن کليل رهنديون. وزير اعظم شهباز شريف پاران هفتي ۾ ٻه موڪلون ختم ڪرڻ ۽ آفيس جا ڪلاڪ صبح 8 وڳي کولڻ کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ به هدايتون جاري ڪيون هيون جنهن جي روشني ۾ بئنڪون صبح 8 وڳي کوليون ويون جڏهن ته هفتي ۾ 6 ڏينهن صبح 8 وڳي کان کولڻ جي هدايت ڪئي وئي. حڪومت، ڪاروبار ٿيندو. مرڪزي بئنڪ موجب رمضان المبارڪ ۾ بئنڪنگ جا ڪلاڪ سومر کان خميس ۽ ڇنڇر صبح 8 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين هوندا، رمضان المبارڪ ۾ سومر کان خميس ۽ ڇنڇر ڏينهن هڪ کان ساڍي ڏهين وڳي تائين نماز جي وقفي هوندي. رمضان المبارڪ دوران بئنڪن ۾ پبلڪ ڊيلنگ سومر، خميس ۽ ڇنڇر تي صبح 8 وڳي کان منهنجهند1 وڳي تائين ٿيندي، جڏهن ته رمضان المبارڪ ۾ پبلڪ بئنڪنگ ڊيلنگ صبح 8 وڳي کان منجهند 12 وڳي تائين ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو