ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي5 بينڪن تي 22 ڪروڙ 30 لک روپيا ڏنڊ وڌو آهي. ريگيوليٽري هدايتن جي تعميل ۾ ڪوتاهي سبب هي ڏنڊ وڌو ويو آهي ۽ ان جو بئنڪن جي مالي استحڪام سان لاڳاپو ناهي. عسڪري بئنڪ تي 8 ڪروڙ 34 لک 15 هزار روپيا ڏنڊ، سنڌ بئنڪ لميٽيڊ تي 5 ڪروڙ 53 لک 93 هزاري روپيا، زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ تي 3 ڪروڙ 72 لک 63 هزار، سونيري بئنڪ لميٽيڊ تي 2 ڪروڙ74 لک 49 هزار ۽ موبلنڪ مائيڪرو فنانس بئنڪ تي 2 ڪروڙ 4 لک 49 هزار روپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي. ڄاڻايل بئنڪن کي اسٽيٽ بئنڪ هدايت ڪئي آهي ته هو ريگوليٽري هدايتن تي سختي سان عمل ڪن.










