پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 394 ملين ڊالرن جو اضافو

پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 394 ملين ڊالرن جو اضافو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)يٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ 14 اپريل تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ 39 ڪروڙ 40 لک ڊالر جو اضافو ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته گذريل ڪجهه هفتن ۾ چين مان ٽن قسطن ۾ 1.3 بلين ڊالر اچڻ سان اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا بهتر ٿي رهيا آهن پاڪستان تجارتي ۽ غير تجارتي قرضن لاءِ چين تي تمام گهڻو انحصار ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت بيجنگ تي 30 بلين ڊالر جو قرض آهي چين سڀ کان وڏو پارٽنر هئڻ جي حيثيت سان پاڪستان ۾ 30 سيڪڙو کان وڌيڪ سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي ۽ مالي سال 2023 جي 9 مهينن ۾ اهو سرمايو پاڪستان آيو پر واپار جو توازن چين ڏانهن وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو