ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان اسٽيل مل جي انتظاميه جي چشم پوشي ۽ گڏيل صلاح سان اداري جي ملڪيت قيمتي ايراضي جيڪا 250 ايڪڙ تي ٻڌل آهي ۽ جنهن جي 2020 ۾ ماليت 5 ارب 50 لک رپيا هئي ان تي لينڊ مافيا قبضو ڪري پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيا ان ڳالهه جو انڪشاف سرڪاري آڊٽ رپورٽ ۾ڪيو ويو دستاويزن مطابق 2018 جي آڊٽ رپورٽ جيڪا آڊٽ آفيسر عبدالحميد عباسي جاري ڪئي ان مطابق ڊي ايس ايم جي ملڪيت 344 ايڪڙ ايراضي جنهن جي ماليت 3 ارب 44 ڪروڙ رپيا هئي ان تي لينڊ مافيا 5 ڳوٺ آباد ڪري ڇڏيا انهن ۾ عباسيه سوسائٽي، ميان خان جوکيو ڳوٺ، پوٺو ڳوٺ، علي اڪبر ڳوٺ ۽ پير سرهندي ڳوٺ شامل هئا رپورٽ ۾ لکيو ويو ته هي قبضا مبينه ملي ڀڳت سان ڪيا ويا ۽ اسرائتا قم کڻي اداري جي زمين آجي ڪرائي وڃي پر انتظاميه خاموش ويٺي رهي وڌيڪ لکيو ويو ته هن قيمتي زمين جي في ايڪڙ قيمت 2 ڪروڙ آهي ۽ اسٽيل مل انتظاميه پنهنجي زمين آجي ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي خدشو آهي ته اسٽيل مل انتظاميه جي غفلت ۽ ڪوتاهي سان اداري جي وڌيڪ زمينن تي قبضا ٿي سگهن ٿا.










