اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي، حڪومتي صفن ۾ هلچل آهي، فضل/گيلاني

اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي، حڪومتي صفن ۾ هلچل آهي، فضل/گيلاني

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي، جهانگير ترين سان ملاقات يا رابطو ناهي ٿيو پر هو منهنجو عزيز آهي ۽ هن کي حمايت لاءِ چوڻ جي ضرورت ناهي. اهڙو اظهار هن جي سربراهي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد جي پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. هن چيو ته مان متفقه وزيراعظم رهيو آهيان ۽ مونکي پيسن جي ڪري نه پر تعلقات سبب ووٽ مليا هئا.

Screen shot

هاڻي به تعلقات ذريعي ووٽ ملندا ۽ ڪامياب ٿيندس. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سان ڪو ملڻ لاءِ تيار نه هو ، هاڻي هنن سان وزيراعظم ۽ وفاقي وزير ملن پيا. انهن کي عزت منهنجي ڪري ملي رهي آهي اميد ته هو به منهنجو خيال ڪندا. هن چيو ته مان پي ڊي ايم جي سمورن اڳواڻن جو شڪر گذار آهيان جن مون تي اعتماد ڪندي اميدوار بڻايو. مان سڀني اڳواڻن سان ذاتي طور ملندس. مولانا فضل الرحمان چيو ته گيلاني صاحب اسانجو گڏيل متفقه اميدوار آهي ۽ انشاءَ الله ڪامياب ٿيندو، سندس نامزدگي سان حڪومت صفن ۾ ڦڙفوٽ پئجي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو