’اسٽيبلشمينٽ افغانستان بدران پاڪستان تي فوڪس ڪري‘

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) افغانستان جي معاملي تي پارليامينٽ صوبن جي اسيمبلين ۾ بحث ۽ وطن جي ماڻهن سان ڳالھائڻ کانسواءِ پاليسي بڻائڻ پاڪستاني قوم سان ويساھ گهاتي آهي. اهڙو  اظهار  ’دي انٽيليڪچوئل فورم‘ پاران منعقد ڪرايل’افغانستان جو پيچيده معاملو ۽ ان جا اثر‘ جي موضوع تي سيمينار کي مختلف سياسي اڳواڻن ۽ دانشورن خطاب دوران ڪيو. سيمينار کي پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر رضا رباني خطاب ڪندي چيو آهي ته جيڪڏھن افغاني پناهگيرن کي ڪيمپن کان ٻاھر رکيو ويو ته وڏي تباھي ايندي جيڪا ڪوبه روڪي نٿو سگھي ۽ اسان جو وزير اعظم ھڪ غير ملڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چوي پيو ته اسان جون تحريڪ طالبان سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ وڃي رھيون آھن ھي صرف ڪنھن ھڪ سياسي پارٽي جو مسئلو ناھي ھي سموري ملڪ جو مسئلو آهي ۽ توھان پارليامينٽ کي به اعتماد ۾ نٿا وٺو جيڪا سراسر پاڪستان سان نا انصافي آهي رضا رباني وڌيڪ چيو تہ حڪومت کي گهرجي افغانستان کي ڇڏي ڏيو ء پنھنجن ماڻھن جو خيال ڪيو پر تاريخي غلطيون اھڙيون ھونديون آھن جيڪي درست نه ٿينديون آھي پاڪستان ھن وقت ٻن شين جو انتظار ڪري رھيو آھي ھڪ تحريڪ طالبان جي اچڻ جو ۽  ٻيو  آمريڪا جي پاليسي جو جيڪي انٽرويو ھيلري ڪلنٽن ڏنا ان کان تحقيق ڪئي وڃي ۽ پاڪستان جڏھن آمريڪا جي پٺيان ضياءُالحق جي اڳواڻي ۾ ھلڻ جو فيصلو ڪيو ته ان جي بدلي ۾  ڪلاشنڪوف آفيم چرس عام ٿي ويو ۽ افغاني پناهگير وڃڻ نا ممڪن ٿيو جيڪڏهن ساڳي غلطي ٻيھر ورجائي وئي تہ ان جا نتيجا خراب نڪرندا. تقريب کي دي انٽيليڪچوئل فورم جي سربراھ مسعود نوراني خطاب ۾ چيو ته ھڪ ئي صف ۾ ٿي ويا اياز ۽ ڪمال ۽ سنڌ ۾ نئون سج اڀري رھيو آھي اڄ صوبي سنڌ ۾ نئون سج اڀري رھيو آھي ۽ سنڌ مٿان ٿيندڙ ظلم خلاف اڄ کان آواز بلند ٿي چڪو آھي۔ اڄ کان ھي مذاق ختم ٿيڻ گھرجي ته تم اور ھم اسان سڀ ھڪ آھيون۔ مھاجر جيڪي سنڌ ۾ آيا اھي سنڌ جا ٿي ويا سڀ وارث آھن ھن ڌرتي جا اردو ڳالهائيندڙ به سنڌي ڳالھائندڙ به۔ افغاني آھن ڪير جھاد ڪندڙ جھاد ته ڪافرن جي خلاف ٿيندو آهي پر طالبانن ته مسلمانن کي ماريو آھي ھي ڪھڙو جھاد آھي، ھي ته جانور آھن جيڪي مسلمانن جا قاتل آھن۔ پوء انھن کي ڪيئن ٿا معاف ڪيو؟ بلوچستان نيشنل پارٽي جي صدر بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته منھنجي ذاتي راءِ اھا آھي ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيڻ مشڪل آهي افغان معاشرو قبائلي نظام ۾ زندگي گذاري رھيو آھي جنھن جي ڪري اتي ترقي ڪرڻ ممڪن ناھي.  اسان جو ملڪ پاڪستان گھڻ قومي ملڪ آھي ۽ ان ۾ موجود سمورين قومن کي برابر جا حق نٿا ڏنا وڃن اسان سڄي دنيا خاص ڪري آمريڪا ويسٽ جي ملڪن کان مدد وٺي ھاڻي صرف چائنا جي طرف وڃي رھيا آھيون افغانستان جو اثر خاص ڪري بلوچستان سنڌ ء خيبر پختونخوا تي پوندو ڪوئيٽا جيڪو پنجاھ ھزار جو شھر ھيو ھاڻي اھو اڻٽيھ لک جو ٿي ويو آھي جڏھن ته سنڌ ۽ بلوچستان سان ھڪ ئي مسئلو آهي اھو آھي ڊيموگرافي، گوادر ۾ سي پيڪ جو ڪو به ڪم نه ٿي رھيو آھي اسان ھن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي چئون ٿا ته افغانستان کي ڇڏي ڏيو ء پنھجي ملڪ ٿي ڌيان ڏيو. قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ پاڪستان اسان جو وطن آهي جنهن کي خطرن کان بچائڻ ۽ سنڌ جي سرزمين کي انتهاپسندي کان بچائڻ آهي عام تصور اھو آھي تہ افغانستان جا ماڻھو مظلوم آھن ء پشتون بلڪل مظلوم آھن جيڪڏھن افغانستان جا ماڻھو مزاحمت ڪن ھا تہ شايد اھڙي صورتحال نه ھجي ھا اياز لطيف پليجو وڌيڪ چيو ته افغانستان م طالبان پيدا ڪيا ويا ء اسان جي ملڪ م مدرسن جو ڄار وڇايو ويو ان ۾ ٻاھرين طاقتون ته ملوث آھن پر ان جي مڪمل ذميواري ضياء الحق تي لاڳو ٿئي ٿي ء افغانستان جي صورتحال ۾ صرف پختونن جو قصور ناھي اھو بين الاقوامي طاقتن ملي ڪري خراب ڪيو آهي جيڪي ماڻھو چون ٿا ت ڀلا ۽ خراب طالبان آھن پر افغاني اسان کي پوزيٽو نه ٿا وٺن ۽ افغانستان م ننڍا ننڍا شھر آھن.  افغانستان ۾  تعليم ۽ ھيلٿ جون سهولتون ناهن.

Photo Sindhyar

گذريل چاليهه سالن ۾ افغانستان ۾ ٽيهه کان چاليهه لک ماڻھو ماريا ويا آهن جيڪڏھن افغانستان جي ماڻھن سان ايڏي ئي ھمدردي آھي ته پوءِ ڀلا ٻيا صوبا پنجاب پختونخواهه بار کڻن ھر وقت سنڌ ٺيڪو نه کنيو آھي اسان کان وڌيڪ ت سعودي عرب ،متحدا عرب امارات قطر ء ٻيا به اسلامي ملڪ آھن ء پاڪستان کان وڌيڪ ترقي يافته آھن اھي ملڪ افغانين کي پناھ ڇو نه ٿا ڏين پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبلي کي ان تي بحث ڪري قانون سازي ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجو چيو ته اسان کي ڪراچي جي ڪجهه پارٽين کان شڪايت آھي ته جيڪڏھن ڪو آفيسر جيڪب آباد لاڙڪاڻو يا خيرپور کان ڪو اچي ٿو ته چون ٿا ته اندروني سنڌ کان آيا آھن پر افغاني باشندي جي لاءِ ڪو به نٿو ڳالھائي اسان سنڌي پنھجي تخت گاھ ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪندا آھيو ن. پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻ مصطفي ڪمال تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ مان سنڌ ء پاڪستان جو باشندو ھوندي مان توھان سان ڪجھ چوڻ چاھيندم ته افغانستان جي جنگ اڃان ختم نہ ٿي آھي ء آمريڪا سان 49ملڪ  افغانستان ۾ جنگ وڙھيا ھيا پر اسان پاڪستاني چئون ٿا جنگ اسان جي ڪري کٽي آھي پرخوف آهي تہ ڪٿي اھا جنگ افغانستان کان پاڪستان نہ منتقل  ٿي مان پاڪستان حڪومت کي اپيل ٿو ڪيان تہ پھريان پنھنجو گھر ٺيڪ ڪيو پوء ٻين ملڪن جي ڳڻتي ڪيو. ڪشمور کان ڪياماڙي تائين رھندڙ سنڌ جي رھواسين سان فرق نه ڪيو وڃي . سنڌ جي تباھي پاڪستان جي تباھي آھي ۽ سنڌ ملڪ جي آمدني جو ستر سيڪڙو روينيو ڏئي ٿي ان جي باوجود ڪراچي ۾ پيئڻ جو ٻن مھينن ۾ صرف ھڪ ڪلاڪ پاڻي اچي ٿو جيڪا نا انصافي آهي تہ افغانين کي ڪيئن آباد ڪرڻ جا سانباها ٿي رھيا آھن.  پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مھتاب اڪبر راشدي تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ جڏھن تڏھن سنڌ کي قنڌارائون جوکو اڄ جيڪڏھن اسان ان مسئلي کي ڏسو ٿا ته اڄ اسان جا بارڊر محفوظ آھن نه ڪلچر نه ملڪ ء پاڪستان جي پاليسي مڪمل طور تي ناڪام وئي آھي نه اسان تي پاڙيسري ملڪ اعتبار ٿا ڪن نه ئي دوست ملڪ نائين اليون کان پوءِ ويتر اسان جي خارجا پاليسي تمام گهڻي خراب ٿي وئي آهي. تقريب کي انٽيليڪچوئل فورم جي  سيڪريٽري محمد يونس مھر، اشفاق احمد ميمڻ، محبوب شيخ، ايوب شيخ، وھاب بلوچ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو تقريب ۾ مھيش ڪمار، ممتاز مٺل ڦلپوٽو، مظھر راھوجو، فرحان لاڙڪ، اعجاز قريشي، خادم سومرو، درشن سچديو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو