اسٽريٽ سولر لائيٽون خراب، شهر اونداهيءَ ۾ ٻڏل

اسٽريٽ سولر لائيٽون خراب، شهر اونداهيءَ ۾ ٻڏل

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) ڪروڙين رپين جي لاڳت سان لڳندڙ اسٽريٽ سولر لائيٽ منصوبو مڪمل طور ناڪام ٿي ويو، غير معياري ٿنڀا لڳڻ ۽ سولر سسٽم جي صفائي سٿرائي ۽ مينٽيننس نه هجڻ ڪري اڪثر لائيٽون بند ٿي ويون ۽ سڪرنڊ شهر انڌيرن ۾ ڌڪجي ويو جنهن سبب چورين ۽ ڦرڻ جو آزار وڌي ويو، شهري شديد پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا. سڪرنڊ شهر ۾ اڪثر علائقن ۾ لائيٽون بند هجڻ ڪري شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳا، سڪرنڊ شهر جي وارڊ نمبر 10 مهراڻ ڪالوني، وارڊ نمبر11 شهيد ڪالوني،  عظيم ڪالوني، وارڊ نمبر 12 ڳوٺ مياڻ، ڳوٺ تلي، ڳوٺ نهال لاشاري، ايگريڪلچر ٽريننگ انسٽيٽيوٽ، فارم اسٽاپ، وارڊ نمبر 13 ڳوٺ ساند ڪيريو سميت اڪثر علائقا انڌيرن جي ور چڙهي ويا، اربين رپين جي لاڳت سان سولر اسٽريٽ لائيٽ جو منصوبو ناڪام ٿي چڪو آهي، ٽائون ڪاميٽي طرفان بل جي عدم ادائگي سبب ٽائون ڪاميٽي جي رهت سبب شهر جو سموريون لائيٽون بند پيل آهن. شهرين، سوشل ورڪرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته سولر اسٽريٽ لائيٽن جو مينٽيننس جو ڪم جلد شروع ڪري عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو