اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڱاري ڏينهن وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي صلاحڪارن شهزاد اڪبر، شهباز گل ۽ چئن ٻين ساٿين جا نالا نو فلائي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري ايف آءِ اي جي حڪم کي معطل ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ هنن اڱاري تي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي جنهن تي عدالت فيصلو جاري ڪيو. پي ٽي آءِ اڳواڻن شهزاد اڪبر ۽ شهباز گل پنهنجا نالا واچ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. عمران خان جو اڳوڻو صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ اڳوڻو خاص مددگار شهباز گل ايف آءِ اي پاران پنهنجا نالا واچ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واري فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويا، جتي ٻنهي اڳواڻن درخواستون داخل ڪيون. پي ٽي آءِ جي ٻنهي اڳواڻن عدالت ۾ الڳ الڳ درخواستون داخل ڪيون آهن، جن تي ٻڌڻي لاءِ اڄ بئنچ جوڙي وئي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻن پنهنجي درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندن خلاف ڪو به ڪيس ناهي ان ڪري سندن پرڏيهه وڃڻ تي پابندي ختم ڪئي وڃي. انتقامي ڪاروايون جي شروعات ٿي چڪي آهي شهزاد اڪبر عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وارداتون شروع ٿي چڪيون آهن، بي اعتمادي واري رٿ به پوري ناهي ٿي، ان رات نالو اسٽاپ لسٽ ۾ ڪير وڌو؟ نالو ان وقت اسٽاپ لسٽ ۾ وڌو ويو، جڏهن ڪا ڪابينا، حڪومت، وزيراعظم نه هو. هن چيو ته اسان ڪٿي به نه وڃي رهيا آهيون، اسان پنهنجي قائد عمران خان سان گڏ بيٺا آهيون جڏهن ته مان اوورسيز پاڪستاني به ناهيان.










