واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي فيڊرل ڪميونيڪيشن ڪميشن اسپيس ايڪس جي انٽر نيٽ فراهم ڪندڙ ڪمپني اسٽار لنڪ کي دنيا ۾ هوائي جهازن، سامونڊي ٻيڙن، ريل گاڏين سميت هر قسم جي گاڏين کي اسپيس وائي فائي جي سهولت فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. گذريل مهيني اجازت لاءِ درخواست ڏني وئي هئي جيڪا آمريڪي حڪومت منظور ڪري ورتي آهي. ٽيسلا گروپ جو مالڪ ايلن مسڪ هن ڪمپني جو مالڪ آهي ۽ سندس ڳڻپ دنيا جي امير ترين شخصيتن ۾ ٿيندي آهي.










