اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب دوران بچاءَ واري وزير خواجا آصف وفاقي وزير شيري رحمان تي سخت تنقيد ڪئي.قومي اسيمبلي ۾ خواجا آصف جي تقرير دوران وفاقي وزير شيري رحمان ڳالهائي رهي هئي ۽ ان دوران وفاقي وزير کيس ڇڙٻ ڏئي ڇڏيو.خواجه آصف چيو ته شيري رحمان صاحب ڇا توهان مون کي ڳالهائڻ ڏينداسين؟ شيري رحمان جواب ڏنو ته ڪوشش ڪريان ٿي.شيري رحمان جي جواب تي خواجا آصف ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيو ته هي توهان جي ماڻهن جو رويو آهي جيڪو انهن مسئلن جو سبب آهي، جيڪڏهن توهان ڪجهه به ڳالهايو ته مان پنهنجي طريقي سان جواب ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندس.










