اسيمبلي جي حيثيت ناهي،واپسي رڳو راجا رياض کي هٽائڻ هو:فواد

اسيمبلي جي حيثيت ناهي،واپسي رڳو راجا رياض کي هٽائڻ هو:فواد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پارٽي ميمبرن جون وڌيڪ استعيفائون منظور ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسپيڪر راجا رياض کي بچائڻ لاءِ اهو قدم کنيو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته محدود تعداد ۾ اسيمبلي ۾ وڃڻ جو مقصد راجا رياض کي اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان هٽائڻ هو، هن قومي اسيمبلي ۾ واپسي جي ڪا به نمائندي حيثيت ناهي. هن چيو ته هن وقت شهباز حڪومت 172 ماڻهن جي حمايت کان محروم ٿي وئي آهي، درآمد ٿيل وزيراعظم حڪومت بچائڻ لاءِ لٽيرن تي ڀروسو ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اسپيڪر جي ڪاررواين سبب 40 سيڪڙو سيٽون خالي ٿي چڪيون آهن راجا رياض کي بچائڻ لاءِ. فواد چوڌري چيو ته ملڪ چونڊن جي ويجهو اچي ويو آهي، هن بحران جو واحد حل قومي چونڊون آهن، حڪومت ڪيتري دير تائين عوام کان پاسو ڪندي، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ۽ ووٽ ذريعي ئي فيصلو ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو