اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي، آئين موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ دير آهي،چونڊون 29 فيبروري تائين ٿينديون، چونڊون ملتوي ڪري سگهجن ٿيون، ڪنهن به پارٽي کي سادي اڪثريت ناهي،سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، پاڪستان جي آئين ۾ هر صورتحال مان نڪرڻ جو رستو موجود آهي. اڱاري ڏينهن هتي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته جيڪي ماڻهو مختلف طريقن سان عوام جي خدمت ڪندا آهن.انهن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي، شاعر، موسيقار، فنڪار، ڊراما نگار جيڪي ڪروڙين نه آهن، انهن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو وڃي.هن چيو ته اشرافيه ڪلبن کي به اهڙن ماڻهن جي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، ڪنهن کي رڪنيت ڏيڻ وقت صرف پئسو نه سمجهيو وڃي.خدمتن کي پڻ ڏسڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته آئين موجب چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن باقي آهن. هن چيو ته هي هڪ معمولي آپريشن آهي، ان ۾ ڪوبه تعطل يا ڊيڊ لاڪ ناهي. وفاقي وزير چيو ته ورهايل پارليامينٽ آهي. ڪنهن به سياسي پارٽي کي سادي اڪثريت ناهي، سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين تمام جامع ۽ تفصيلي آهي. فرض ڪريو سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ ناهي ته پوءِ آئين ۾ ڪو رستو آهي.










