اسيمبلي اجلاس ۾ دير گهرائڻ وارو معامرو، ڌرين کي نوٽيس جاري

اسيمبلي اجلاس ۾ دير گهرائڻ وارو معامرو، ڌرين کي نوٽيس جاري

اسلام آباد: (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جو اجلاس 22 اپريل تائين ملتوي ڪرڻ خلاف فوري حڪم امتناع جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ڊپٽي اسپيڪر طرفان قومي اسيمبلي جو اجلاس 22 اپريل تائين ملتوي ڪرڻ خلاف فوري حڪم امتناع جي درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله جي سربراهي ۾ لارجر بئنچ ڪئي.مسلم ليگ(ن) جي مرتضيٰ جاويد عباسي طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس 22 اپريل جي بجاءِ اڳ کان شيڊول 15 اپريل تي اجلاس گهرائي اسپيڪر کي اليڪشن جي ووٽنگ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي. جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته 16 اپريل تي قومي اسيمبلي اجلاس جي ايجنڊا جاري ڪئي هئي. مرتضيٰ جاويد جي وڪيل منصور اعواڻ جواب ڏنو ته ان ڏينهن ايجنڊا ۾ اسپيڪر جي چونڊ ٿيڻ شامل آهي. قومي اسيمبلي بنا اسپيڪر جي هلي رهي آهي. اسپيڪر جي آفيس کي خالي نٿو رکي سگهجي. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اها ته پارليامينٽ جي اندروني ڪارروائي آهي. تاريخ به مقرر ٿي چڪي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ 22 اپريل تي ٿي ويندي. چيف جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ جي وقار جو خيال رکندي اسان ان ۾ مداخلت نٿا ڪريون. ڪنهن مٿان شڪ ڪرڻ جو سبب به ناهي. اوهان کي پارليامينٽ جي ڪارروائي ۾ مداخلت نه ڪرڻ جي معاملي تي به مطمئن ڪرڻو آهي. عدالت ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري، سيڪريٽري قومي اسيمبلي ۽ سيڪريٽري پارليامينٽري افيئرز کي 22 اپريل جي لاءِ نوٽيس جاري ڪندي ڊپٽي اسپيڪر ۽ ٻين کي 22 اپريل تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو