سنڌ اسيمبلي اجلاس،پي ٽي آئي جو بائيڪاٽ

سنڌ اسيمبلي اجلاس،پي ٽي آئي جو بائيڪاٽ

ڪراچي(اسٽاف ررپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، تلاوت ۽ آئين جي گولڊن جوبلي واري ٺهراءُ کانپوءِ پ پ، ايم پي اي، گهنور اسراڻ ملڪ جي سمورن صوبن ۾ قومي ۽ صوبائي تڪن تي چونڊون هڪ ئي وقت ڪرائڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ سيٽن تان اٿي اسپيڪر جي ڊائيس آڏو پهچي نعريبازي ڪئي، ان دوران پي ٽي آءِ ميمبرز واڪ آئوٽ ڪري ويا، جنهن بعد نماز جي وقفي سبب اجلاس ڏهن منٽن لاءِ ملتوي ڪيو ويو، اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته عدالتن وٽ عمران خان لاءِ خاص پيڪيج آهي، پيپلزپارٽي جي قيادت يارهن يارهن سال جيل ۾ رهي آهي، هي هڪ هفتو به جيل وڃن ٿا ته روئي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ کي آئين ۽ قانون تحت هلڻو آهي اسان احترام ڪنداسين پر غير آئيني طريقي جا فيصلا قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته هن ملڪ ۾ سپريم ادارو آئين ۽ پارليامينٽ آهي، جنهن بعد ملڪ ۾ هڪ ئي وقت صوبائي ۽ قومي اسيمبلين جون چونڊون ڪرائڻ وارو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ايوان کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئين جي گولڊن جوبلي جون واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته شهيد ڀٽو ملڪ کي متفقه آئين ڏنو، ان کانپوءِ آمرن آئين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿيا، صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ايوان ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي هر دور ۾ آئين جو دفاع ڪيو آهي ۽ ڪندي رهندي، هن چيو ته جڏهن جڏهن به آمرن آئين تي راتاهو هنيو پيپلزپارٽي جدوجهد سان انهن جو مقابلو ڪيو، ارڙهين ترميم به صوبن لاءِ هڪ تحفو آهي، ارڙهين ترميم وسيلي صوبن کي اختيار ڏنا ويا، هاڻي صوبا پنهنجو ڪم ۽ طريقيڪار پاڻ ئي طئه ڪرڻ جو اختيار رکن ٿا. جي ڊي اي ايم پي اي شهريار مهر ٺهراءَ جي حمايت ڪندي چيو ته آئين اهو ڪتاب آهي جنهن تحت ملڪ هلي ٿو، آئين تمام بهترين آهي پر ان تي عمل ڪرڻ وڏو مسسئلو آهي، اسان کي آئين ان وقت ياد ايندي آهي جڏهن ڪو آمر ان کي ٽوڙيندو آهي.ايم ڪيو ايم جي خواجا اظهار الحسن چيو ته هن ملڪ جي نظام مسئلو آهي ان ڪري ان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن آئين کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻو پوندو. پي اي سي چيئرمين غلام قادر چانڊيو چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي آئين ڏنو، ڏاڍيون تڪليفون برداشت ڪيون پر ڀٽو شهيد جي خاندان آئين جي دفاع لاءِ مقابلو ڪيو، اڄ سمجهان ٿو پنهنجي تڪليفن کان آجو ٿيو آهيان ڇو ته شهيد ڀٽو جي آئين تي ڳالهائڻ وڏو اعزاز آهي، هن ملڪ ۾ آمرن آئين کي ڪاغذ جو ٽڪرو قرار ڏئي ڦاڙيو پر وقت ثابت ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته ڪجهه عقل جا انڌا به ملڪ ۾ اڃا به موجود آهن، هي زنده هوندي به مرده آهن، سمورين سياسي پارٽين کي هن ملڪ جي بهتري لائي سوچڻ گهرجي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته جيڪو به جج يا جرنيل آئين جي ڀڃڪڙي ڪندو ان جي خلاف پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ غلط ناهي، سپريم ڪورٽ جا چار جج چون ٿا پي ٽي آئي بينچ جو فيصلو اڪثريتي نه پر اقليتي آهي، هن ملڪ ۾ جيڪو سياسي بحران پيدا ٿيو آهي اهو پي ٽي آئي جو پيدا ڪيل آهي. هن چيو ته معشيت، عدالتي بحران ۽ سمورن بحرانن جو ذميوار عمران خان آهي، ڪڏهن آمريڪا ڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ۽ عدالتن کي گاريون ڏنيون وڃن ٿيون، باجوا تسليم ڪيو ته اسان عمران خان جي مدد ڪري غلط ڪيو. سعيد غني چيو ته سياسي ماڻهو سياسي قيادت سان ڳالهيون ڪندا آهن هي چوي ٿو جرنيلن سان ڳالهائيندس، ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته شهباز شريف، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان سان ڪيو. ان بعد سنڌ اسيمبلي ۾ آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي پيش ڪيل ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، پ پ ايم پي اي غزالا سيال، جي ڊي اي، ايم پي اي شهريار مهر، پي ٽي آئي ميمبر سنجي پرواڻي، صوبائي وزير شبير بجاراڻي ۽ ڊاڪٽر سهراب سرڪي سکر آئي بي اي جي پروفيسر اجمل ساوند جي قتل تي سندس مغفرت جي دعا گهرائي وئي، جڏهن ته ڊاڪٽر بيربل جي قتل تي هڪ منٽ جي خاموشي ڪئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو