اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين جي بحالي جي درخواست اعتراضن سان واپس ڪري ڇڏي. شهري راءِ اشتياق احمد پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون بحال ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي.رجسٽرار آفيس اعتراض ڪندي چيو ته درخواستگذار لاڳاپيل فورم جي موجودگي باوجود سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو.رجسٽرار آفيس جي اعتراض موجب درخواستگذار اسيمبليون ٽوڙڻ کان متاثر ڌر ناهي، درخواست آرٽيڪل 184 III تحت داخل ڪئي وئي پر ڪو به آئيني جواز پيش نه ڪيو ويو.










