اسيمبلين ۾ ويهڻ گناهه جيڪي عوام کي فائدو نه ڏين، خواجه آصف

اسيمبلين ۾ ويهڻ گناهه جيڪي عوام کي فائدو نه ڏين، خواجه آصف

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته اهڙين اسيمبلين ۾ ويهڻ گناهه آهي جيڪي عوام کي رليف فراهم نه ٿيون ڪن.13 ڊسمبر تي لاهور جي جلسي بابت ڀٽي چوڪ تي مسلم ليگ ن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته نواز شريف ووٽ جي جنگ وڙهي رهيو آهي اسان هي حڪومت نه هلڻ ڏيندا سين 13 ڊسمبر وارو جلسو عوام جو امتحان آهي. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته عمران خان انصاف جو چور آهي  پنجاب جي عوام کي انهن جي پڳ تي لڳل داغ ڌوئڻ گهرجي.هن چيو ته ووٽ چور حڪومت کي  2 سالن کان برداشت ڪري رهيا آهيون ، هاڻي ڳالهه عمران خان جي وڃڻ سان ختم نه ٿيندي پر قانون ۽ آئين جي حڪمراني تي ختم ٿي ويندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو