اسمبلي مان سيپيڪ آرڊيننس جي مدي ۾ 4 مهينا واڌ جو ٺهراءُ منظور

اسمبلي مان سيپيڪ آرڊيننس جي مدي ۾ 4 مهينا واڌ جو ٺهراءُ منظور

اسلام آباد (اياز مهر) قومي اسمبلي مان سيپيڪ اٿارٽي جي قيام بابت آرڊيننس جي مدت 4 مهينا وڌائڻ بابت اڪثريت راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. روينيو واري وزير حماد اظهر اهو ٺهراءُ پيش ڪيو. اپوزيشن جي راجه پرويز اشرف احتجاج ڪندي چيو ته حڪومت آرڊيننس ذريعي قانون سازي ڪري ايوان جي توهين ڪري رهي آهي. هن چيو ته شيڊول موجب قومي اسمبلي جو اجلاس فيبروري جي پهرين هفتي ۾ گهرائڻو هو پر حڪومت آرڊيننس جي مدت پوري ٿيڻ جي چڪر جلدي ۾ اجلاس گهرائي ورتو آهي. اپوزيشن وارن ڪورم جي نشاندهي ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو. اسپيڪر اسد قيصر ڳڻپ ڪرائي ته ڪورم پورو هو ۽ هن ڪاروائي جاري رکي ۽ دفاع واري وزير پرويز خٽڪ کي چيو ته اوهين اپوزيشن وارن کي پرچائي اچو. ان کان اڳ اسمبلي ۾ ڪورونا وائرس بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي عندليب عباس ايوان کي ٻڌايو ته صرف هڪ پاڪستاني شاگرد کي وائرس ٿي آهي ۽ چيني حڪومت سان رابطي ۾ آهيون هو مڪمل سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن. قومي اسمبلي مان ٽيڪس قنون ۾ ترميم جي آرڊيننس جي به 120 ڏينهن مدت وڌائڻ جو اڪثريت راءِ سان ٺهراءَ منظور ڪيو. پبلڪ سروس ڪميشن جي قاعدن ۾ ترميم جو بل 2019 به اڪٿريت سان منظور ڪيو ويو. جڏهن ته قومي احتساب بيورو  بيو ترميمي آرڊيننس 2019 ايوان م پيس ڪيو ويو. هڪ موقعي ته عمران خٽڪ نوشهرا ۾ معصوم ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري ملزم کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. جنهن تي پارليماني معاملن جي مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته وزيراعظم به چئي چڪو آهي ته اهرن ملزمن کي جيسن سر عام چوراهن تي ڦاهي نه ايندي اهڙا جرم نه رڪبا. هن چيو ته انساني حقن جي ڪميٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو موت جي سزا جي مخالفت ٿو ڪري.  

پهنجو تبصرو موڪليو