اسلام آباد 8 وڪيٽن تان ملتان کي هارائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽڊ ملتان سلطان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي وڏو اپ سيٽ ڪيو آهي. شاداب خان ٽاس کٽي لاهور قلندر کي هارائيندڙ ملتان سلطان کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. شان مسعون جيمز ونس اننگ شروع ڪئي ته 41 جي مجموعي اسڪور تي شام مسعود 21 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. معين علي آيو جنهن جيمز ونس سان ملي اسڪور اڳتي وڌايو پر 10 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. عماد بٽ جي ساڳئي اوور ۾ رلي روسو به پهرين ئي بال تي ڪيچ ٿي ويو ته ملتان لاءِ پريشاني وڌي وئي.جيمز ونس به 31 بالن 42 رنز ٺاهي 87 جي معموعي اسڪور تي عماد بٽ جو ٽيون شڪار بڻيو. ان بعد خوشدل شاهه 111 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو ۽ آفريدي به گهڻي دير کيڏي نه سگهيو 7 رنز ٺاهي 135 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو، سهيل تنوي به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ 10 رنز ٺاهي پويلين موٽيو. ملتان سلطان جي ذيشان اشرف 4 چوڪن ۽ 3 ڇڪن جي مدد سان ففٽي هڻي نمايان رهيو.

پوري ٽيم مقرر اوورز ۾ 8 وڪيٽن تي 164رنز ٺاهيون. اسلام آباد پاران عماد بٽ 4، فهيم اشرف 2، جڏهن ته عاقف جاويد ۽ موسيٰ خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

اسلام آباد جارحاڻي اننگ کيڏندي پهرين وڪٽ لاءِ 92 رنز جي شراڪت قائم ڪئي، رونڪي ۽ منرو 5 اوورز ۾ ٽيم جي ففٽي مڪمل ڪئي. منرو 32 بالن ۽ رونڪي 30 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. منرو کي شاهد آفريدي آئوٽ ڪيو. ڊيوڊ ميلان رونڪي جو ساٿ ڏنو، ميچ کٽڻ لاءِ 2 رنز گهربل هيون ته رونڪي 74 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد ڪولن انگرام آيو جنهن هڪ رن ٺاهي، ميلان 35 ناٽ آئوٽ رهيو. 17هين اوور جي 5 بال تي اسلام آباد ميچ کٽي ورتي،

پهنجو تبصرو موڪليو