اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب اسلام آباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي.انتظاميا موجب 30 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ سفر لاءِ 10 رپين تائين جي گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي اڄ کان گاڏين جا ڀاڙا چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ان کان علاوه ٻين شهرن جي عوام به پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب ٽرانسپورٽرن جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو آهي.










