اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ضمير خريدڻ جي منڊي لڳي پئي آهي، ميمبرن جي خريداري لاءِ 20 کان 25 ڪروڙ رپيا ڏنا پيا وڃن، مومن جي نشاني اها آهي ته ڪو خريد نه ڪري سگهي، ان جي قيمت ناهي. مانسهره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مان هر جلسي ۾ اهو واعدو کڻي ايندو آهيان ته فضل الرحمان کي ڊيزل نه چوندس، پر جڏهن تقرير لاءِ بيهندو آهيان ته جلسي گاهه مان ڊيزل جا آواز اچڻ شروع ٿي ويندا آهن. ”مون ڊيزل جي قيمت کي گهٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته مان الله جو نالو ووٽ وٺڻ يا ماڻهن کي راغب ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪريان. هن چيو ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن، مان انهن نوجوانن کي پنهنجي تجربي مان سکڻ چاهيان ٿو ته عظمت جو صحيح رستو ڇا آهي؟. هن چيو ته دين جي نالي 30 سالن کان فضل الرحمان سياست ٿو ڪري، توهين رسالت خلاف الله پاڪ ڪاميابي مونکي ڏني اقوام متحده هر سال ان خلاف ڏينهن ملهائيندو. هن چيو ته عدم اعتماد ناڪام ٿيندي، ٽنهي ڪوئن شهباز شريف، زرداري ۽ مولانا تي هن خوب تنقيد ڪئي. هن چيو ته هي چور ۽ ڪرپٽ ٽولو اين آر او ٿو گهري پر مان کين اين آر او نه ڏيندس ڀلي حڪومت هلي وڃي.










