اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف به دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، اسد عمر ۽ علي نواز سميت 100 ڄڻن خلاف پوليس شڪايت تي سنجگاني ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي سميت 10 دفعا شامل ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن اڳواڻن جي هدايت تي سرينگر هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو، ڪارڪنن پٿراءُ پڻ ڪيو ۽ پوليس تي ڀڃ ڊاهه ڪئي.










