اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ آچر تي منجهند جو 6.3 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. پاڪستان جي موسميات کاتي موجب زلزلي جي گهرائي 150 ڪلوميٽر هئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز تاجڪستان ۾ هو. زلزلو تقريباً 12:54 تي رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي ڊگھائي 69.65 اوڀر ۽ ويڪرائي ڦاڪ 38.65 اتر ۾ هو. يورپي-ميڊيٽرينين سيسمولوجيڪل سينٽر پڻ تصديق ڪئي آهي ته اسلام آباد ۽ اٽڪ شهر ۾ زلزلو آيو آهي. فوري جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن. روزاني سنڌيار جي ايڊيٽر جو چوڻ آهي ته اوچتو چند سيڪنڊن لاءِ بيڊ زور سان لڏڻ لڳو ۽ شيشي جون دريون به کڙڪڻ لڳيون.ياد رهي ته پاڪستان ۾ 8 آڪٽوبر 2005 تي 7.6 شدت جو زلزلو آيو هو جنهن سبب ڪشمير ۽ اترين علائقن ۾ 80 هزار ماڻهو مري ويا هئا ۽ 40 لک ٻيا بي گهر ٿيا هئا.










