اسلام آباد ڪوئيٽا کي 63 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 13هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 63 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڪراچي جي نيشنل بئنڪ ارينا ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 220 رنسون ٺاهيون.اسلام آباد طرفان ڪولن منرو 38 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ڪپتان شاداب خان صرف 12 رنسون ٺاهي سگهيو پر ان کانپوءِ اعظم خان ۽ آصف علي ڪوئيٽا جي بالرز خلاف 4 ڇڪا هنيا.آصف علي 24 بالن تي 4 ڇڪن جي مدد سان 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته اعظم خان 42 بالن تي 8 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 97 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ هو ميچ جي آخري بال تي بولڊ ٿي ويو. نروس نائنٽيز جو شڪار ٿي ويو.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي امل خان ۽ محمد حسنين مهانگو بالر ثابت ٿيا ۽ ٻنهي بالترتيب 55 ۽ 52 رنسون ڏنيون.ان کان اڳ اسلام آباد جي ڪپتان شاداب خان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.شاداب خان چيو ته ٽيم ۾ ٻه تبديليون ڪيون ويون آهن، فضل الحق فاروقي پنهنجي پهرين ميچ کيڏي رهيو آهي جڏهن ته ابرار احمد کي به ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم ٽورنامينٽ ۾ هن وقت تائين 3 ميچون کيڏي چڪي آهي، جنهن مان هن 2 ۾ ڪاميابي ۽ هڪ ۾ شڪست کاڌي.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم 4 ميچن مان صرف هڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهي آهي جڏهن ته ٽن ميچن ۾ شڪست کاڌي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو