ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد يونائيٽيڊ جي رانديگرن پنهنجي ڪپتان شاداب خان جو منفرد انداز ۾ استقبال ڪيو.اسلام آباد يونائيٽيڊ پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شاداب خان جي منفرد استقبال جي وڊيو شيئر ڪئي آهي.وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سمورن رانديگرن شاداب خان جو استقبال ڪيو ۽ هٿ ۾ بيٽ کڻي تاڙيون وڄائي رهيا آهن.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو ڪپتان شاداب خان پنهنجي گهرواري سان ڪراچي پهچي ويو آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان جي ورسي جي تقريب 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ٿي هئي.










