اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پشاور ۽ آس پاس جي شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.سوات، چترال ۽ ايبٽ آباد ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. صبح 10:20 تي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي مرڪز موجب، زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي کوٽائي 190 ڪلوميٽر هئي ۽ مرڪز افغانستان جو هندوڪش خطو هو.زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو، ماڻهو ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي پنهنجن گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا.زلزلي جي نتيجي ۾ اڃا تائين ڪنهن به نقصان جي اطلاع ناهي ملي.










