اسلام آباد حادثو، نارين جي وارثن جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو

اسلام آباد حادثو، نارين جي وارثن جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد اسڪوٽر حادثي ۾ مارجي ويل ٻن ڇوڪرين جي خاندانن جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ شائستہ ڪنڊي جي عدالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار ابوذر کي 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. متاثره ڇوڪري جي خاندانن عدالت جي سامهون جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو. هڪ ڇوڪري جو ڀاءُ عدالت ۾ بيان ڏيڻ لاءِ آيو ۽ ماءُ جو بيان آن لائن رڪارڊ ڪيو ويو. ٻي فوت ٿيل ڇوڪري جي پيءُ جو بيان عدالت ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. ٻنهي خاندانن جي وچ ۾ صلح ٿيڻ کان پوءِ جوابدار خلاف ڪيس ختم ڪيو ويو. متاثر خاندانن جي بيانن کان پوءِ جوابدار جي ضمانت منظور ڪئي وئي ۽ عدالت جوابدار کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو