اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل خلاف آئيني درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. وڪيل خواجه احمد حسين اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ختم ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪندي پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ڪابه آئيني حيثيت نه آهي، نه وري اٿارٽي، نظرياتي ڪائونسل پنهنجي فائنل رپورٽ 1996ع دوران پارليامينٽ ۾ ڏئي چڪي آهي. آئين جي آرٽيڪل 230(4) جي تحت ڪائونسل ملڪي قانون جو اسلامي تعليم جي روشني ۾ جائزو ورتو هو. پارليامينٽ ۾ حتمي رپورٽ کان ڪائونسل کي ٽوڙڻ گهرجي.چيف جسٽس چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ملڪي قانون جو جائزو وٺي رپورٽ ڏني، ڪائونسل ماضي جي قانون جو اسلامي تعليمات جي روشني ۾ جائزو ورتو. مستقبل جي قانون جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪائونسل آئيني باڊي آهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته مستقبل جي قانون جي شرعي حيثيت جو هاڻ وفاقي شرعي عدالت جائزو وٺي سگهي ٿي. جسٽس اطهر من الله چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي وجود سان ڪهڙا بنيادي حق متاثر ٿي رهيا آهن. عدالت ٻڌڻي کان پوءِ درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.










