غزه (ويب ڊيسڪ)اسرائيل غزه ۾ جنگبندي تي عملدرآمد سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ جنگ ۾ وقفو ۽ يرغمالين جي آزادي سڀاڻي شروع ٿيندي.اسرائيلي اخبار جو چوڻ آهي ته حماس اڃا تائين قيدين جي آزاد ٿيڻ جي فهرست فراهم نه ڪئي آهي، قيدين جي آزاديءَ لاءِ حتمي معاهدو ٿيڻ تائين جنگ بندي نه ٿيندي.اسرائيل جي قومي سلامتي واري صلاحڪار چيو آهي ته جنگ بندي رٿابندي مطابق اڳتي وڌندي، يرغمالين جي پهرين گروهه کي جمعي تي آزاد ڪيو ويندو، جمعي کان اڳ ڪوبه قيدي آزاد نه ڪيو ويندو.اسرائيل جي قومي سلامتي واري صلاحڪار وڌيڪ چيو ته حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ قيدين جي آزاديءَ جو عمل اصل معاهدي موجب شروع ٿيندو. نيوز ايجنسي موجب اسرائيل طرفان حملا جمعي تائين جاري رهندا.ان کان اڳ اسرائيلي اهلڪار جو چوڻ هو ته 4 ڏينهن واري عارضي جنگ بندي اڄ پاڪستاني وقت موجب دوپہر 1 وڳي شروع ٿيندي، عارضي جنگ بندي معاهدي تحت حماس طرفان اسرائيل کان 150 فلسطيني عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرڻ جي بدلي ۾ 50 يرغمال عورتن کي آزاد ڪيو ويو. ۽ ٻارن کي آزاد ڪيو ويندو.










