بيروت(ويب ڊيسڪ)آچر تي اسرائيل لبنان جي 4 شهرن تي بمباري ۽ گوله باري ڪئي آهي جڏهن ته حزب الله اسرائيل جي شهر گليلي تي 59 کان مٿي راڪيٽ فائر ڪيا آهن. ٻنهي ڌرين جي حملن ۾ جاني يا مالي نقصان جا تفصيل سامهون نه آيا آهن. ڇڪتان وڌڻ بعد آمريڪا، برطانيا، فرانس سميت اڪثر يورپي ملڪن پنهنجي شهرين کي لبنان مان نڪري وڃڻ جي صلاح ڏني آهي جڏهن ته اسرائيل ۾ رهندڙ شهرين کي محفوظ جاين تي رهڻ جو چيو آهي. اڪثر عالمي ايئر لائينز اسرائيل، ايران ۽ لبنان لاءِ پنهنجون اڏامون رد ڪري ڇڏيون آهن. تهران ۾ حماس جي سياسي اڳواڻ اسماعيل هنيه ۽ لبنان ۾ حماس جي گوريلا ڪمانڊر شڪر جي اسرائيل هٿان قتل بعد جنگ جو دائرو وسيع ٿيڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته آمريڪا پنهنجا جنگي ٻيڙا ۽ فائيٽر جيٽ خطي ۾ موڪلي ڇڏيا آهن ۽ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل تي حملي جي صورت ۾آمريڪا سندن دفاع ڪندو. اسرائيل پنهنجو ميزائيل حملن کان بچڻ وارو دفاعي نظام فعال ڪري ڇڏيو آهي. ايران، شام، حزب الله، يمني حوثي باغي ۽ حماس ايران تي گڏيل ۽ گهڻ رخي حملي جي تياري ڪري رهيا آهن.










