يروشلم(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل غزه ۾ هڪ هٿياربند گروهه جي حمايت ڪري رهيو آهي جيڪو حماس جي مخالفت ڪري ٿو، اهڙيون ڳالهيون اڳوڻي وزير جي ان بيان کان پوءِ سامهون آيون آهن جنهن ۾ چيو ويو هو ته اسرائيل ان گروهه کي هٿيار فراهم ڪيا آهن. اسرائيلي ۽ فلسطيني ميڊيا ٻڌايو آهي ته اهو گروهه جنهن سان اسرائيل ڪم ڪري رهيو آهي، اهو مقامي بدوي قبيلي سان تعلق رکي ٿو جنهن جي اڳواڻي ياسر ابو شباب ڪري رهيو آهي. يورپي ڪائونسل آن فارن ريليشنز (EFCR) ٿنڪ ٽينڪ ابو شباب کي رفح علائقي ۾ هڪ “جرائم پيشه ٽولي” جو اڳواڻ قرار ڏنو آهي، جنهن تي امدادي ٽرڪن جي ڦرلٽ جا الزام لڳايا ويا آهن.اسرائيلي پارليامينٽ ڪنيسٽ جي ميمبر ۽ اڳوڻي دفاعي وزير اويگڊور ليبرمين سرڪاري نشرياتي اداري (ڪن) کي ٻڌايو ته حڪومت، نيتن ياهو جي هدايت تي، “هڪ گروهه ڏوهن ۽ ڏوهارين کي هٿيار ڏئي رهي آهي”. “ليبرمين ڪهڙو راز فاش ڪيو؟ اهو ته سيڪيورٽي ايجنسين غزه ۾ هڪ قبيلي کي سرگرم ڪيو جيڪو حماس جي مخالفت ڪري ٿو؟ ان ۾ بڇڙائي ڇا آهي؟” نيتن ياهو خميس ڏينهن سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ چيو. تل ابيب ۾ موشي ڊيئن سينٽر جي فلسطيني معاملن جي ماهر مائيڪل ملشٽين AFP کي ٻڌايو ته ابو شباب جو قبيلو هڪ بدوي قبيلي جو حصو آهي جيڪو غزه ۽ مصر جي سينا صحرائن جي بارڊر تائين پکڙيل آهي. هن چيو ته ان قبيلي جا ڪجهه ماڻهو “هر قسم جي ڏوهن، منشيات جي اسمگلنگ ۽ اهڙين سرگرمين ۾ ملوث آهن”. “ايئن لڳي ٿو ته حقيقت ۾ شبڪ (اسرائيلي سيڪيورٽي ايجنسي) يا فوج اهو سمجهيو ته اهو ميلشيا يا اصل ۾ گينگ کي هڪ پراڪسي ۾ تبديل ڪرڻ، انهن کي هٿيار، پيسا ۽ فوجي آپريشنز کان پناهه ڏيڻ هڪ بهترين خيال هو،” ملشٽين چيو. هن دعويٰ ڪئي ته حماس ڪجهه ڏينهن اڳ ان گروهه جا چار ماڻهو قتل ڪيا هئا. حماس، جيڪا لڳ ڀڳ ٻه ڏهاڪا کان غزه تي حڪمراني ڪري رهي آهي، چيو ته ان وٽ “واضح رابطا آهن انهن ڦرلٽ ڪندڙ ٽولين، اسرائيلي ساٿارين ۽ دشمن فوج جي وچ ۾، امداد جي ڦرلٽ ۽ مصنوعي انساني بحران پيدا ڪرڻ ۾ جيڪي فلسطيني عوام جي تڪليفن کي وڌيڪ وڌائين ٿا”. پاپولر فورسز، جيئن ابو شباب جو گروهه پاڻ کي سڏي ٿو، فيس بڪ تي چيو ته “اسين ڪڏهن به قبضي جو سبب نه رهيا آهيون، ۽ نه ئي ٿينداسين. اسان جا هٿيار سادا، پراڻا آهن، ۽ اسان جي پنهنجن ماڻهن جي سهڪار سان آيا آهن”.










