ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ پوليس جي قانوني کاتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر خلاف سنڌ جي ٿاڻن ۾ داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.ڊي ايس پي ليگل پاران اسسٽنٽ انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ليگل ٽو سنڌ پاران سنڌ پوليس جي سمورن رينجز کي خط لکيا ويا آهن.خط ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پوليس سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جي ڪراچي سائوٿ، ايسٽ ۽ ويسٽ کان علاوه حيدرآباد، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جيز کي به درخواست ڪئي وئي آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر پٽ غلام عمر خلاف صوبي جي سمورن ٿاڻن ۾ داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. اهي تفصيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسد عمر طرفان داخل درخواست ۾ پيش ڪيا ويندا.










