اسد عمراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيو؛ پ پ شهيد ڀٽو

رتوديرو(عطاءُ الله بروهي) پ پ شهيد ڀٽو ۽ سپاف طرفان خدايار سولنگي، رحيم کٽياڻ، بشير جويو، عمران عمراڻي، رسول بخش کٽياڻ، بابر علي عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب رتوديرو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته 16 آڪٽوبر 2018 تي ڪراچي جي اي سي ايل سي پوليس منگهو پير واري علائقي مان شهيد ڀٽو اڳواڻ اسد عمراڻي کي بلا جواز گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻائي جڙتو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو ڪيس ڪراچي هاءِ ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي جنهن جا جوابدار ڊي ايس پي شهزاد لمبا، ايس ايڇ او چوڌري سليم، اي ايس آءِ وقاص ۽ ٻيو عملو آهي جيڪي ضمانت تي آزاد گهمي رهيا آهن جن کي ڪا به سزا نه ٿي ٻڌائي وڃي. هنن چيو ته اسان پاڪستان جي اعليٰ ادارن کي اپيل ٿا ڪيون ته شهيد اسد عمراڻي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي نه ته انصاف ملڻ تائين پر امن احتجاج جاري رکيو ويندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو