اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بنگلاديش جي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڍاڪا پهچي ويو، ڍاڪا پهچڻ تي بنگلاديشي سفير اسد سليم، پرڏيهي سيڪريٽري، بنگلاديش ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عمران حيدر اسحاق ڊار جو استقبال ڪيو، جڏهن ته ٻيا اعليٰ بنگلاديشي عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو دورو بنگلاديشي حڪومت جي دعوت تي ٿي رهيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڍاڪا ۾ بنگلاديشي قيادت سان اهم ملاقاتون ڪندا. اسحاق ڊار بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس سان ملاقات ڪندو، ۽ هو پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار محمد توحيد حسين سان به ملاقات ڪندو.پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 13 سالن کانپوءِ ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير جو بنگلاديش جو هي پهريون دورو آهي.ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني پهلوئن تي بحث ڪيو ويندو، علائقائي ۽ عالمي مسئلا پڻ ملاقاتن جي ايجنڊا ۾ شامل آهن.










