اسحاق ڊار جي سينيٽ جي سيٽ خالي ڪرڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسحاق ڊار جي سينيٽ جي سيٽ خالي ڪرڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جي سينيٽ جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.اليڪشن ڪميشن ۾ اسحاق ڊار جي سينيٽ جي سيٽ کٽڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته 60 ڏينهن اندر حلف نه کڻڻ جي صورت ۾ سيٽ خالي ڪرڻ جو آرڊيننس موجود آهي، جنهن تي اسحاق ڊار جو وڪيل سلمان اسلم بٽ ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته نوٽيفڪيشن جاري آهي. 9 مارچ تي اسحاق ڊار کي ڪامياب اميدوار طور جاري ڪيو ويو.سلمان اسلم بٽ وڌيڪ چيو ته 29 مارچ 2018 تي اسحاق ڊار جي بريت جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو هو، سپريم ڪورٽ طرفان درخواست رد ٿيڻ بعد نوٽيفڪيشن بحال ڪيو ويو.هن چيو ته اسحاق ڊار تي آرڊيننس لاڳو نٿو ٿئي ڇاڪاڻ ته اسحاق ڊار جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو ته پوءِ هو قسم ڪيئن کڻندو؟ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته سوال اهو آهي ته اسحاق ڊار کي نااهل ڪيو ويو آهي يا نه؟ جنهن تي سندس وڪيل چيو ته آرڊيننس جو مدو پورو ٿي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن کي سينيٽ جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ جو نوٽيس واپس وٺڻ گهرجي، 5 سالن تائين حلف نه کڻندڙ ميمبر کي نااهل نٿو ڪري سگهجي.وڪيل سلمان اسلم بٽ چيو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم 2 مهينن اندر حلف نه کڻڻ تي نااهلي جي شق کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته جيڪڏهن اسحاق ڊار ترميمي ايڪٽ کان اڳ نااهل هو ته هاڻي نااهل ڪيئن ٿيو؟ ؟؟ اليڪشن ڪميشن قانون جي تشريح نٿي ڪري سگهي.وڪيل اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جو جاري آرڊيننس غير آئيني آهي.اليڪشن ڪميشن اسحاق ڊار جي حلف نه کڻڻ تي سيٽ خالي ڪرڻ واري معاملي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو