لنڊن(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير جو عهدو سنڀاليندو.وزيراعظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف وچ ۾ اهم ملاقات لنڊن ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب اسحاق ڊار اڱاري ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير جو عهدو سنڀاليندو، جڏهن ته موجوده ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل حڪومتي معاشي ٽيم جو حصو رهندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ عمران خان جي لانگ مارچ، پنجاب حڪومت جي خاتمي لاءِ قدمن ۽ ايندڙ سال چونڊون ڪرائڻ جا فيصلا پڻ متوقع آهن.










