استعيفيٰ قبول ناهي ٿي، مان ئي ايڊمنسٽيٽر آهيان: مرتضيٰ وهاب

استعيفيٰ قبول ناهي ٿي، مان ئي ايڊمنسٽيٽر آهيان: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سندس استعيفيٰ هن وقت تائين قبول ناهي ڪئي وئي، تنهن ڪري هو ايڊمنسٽريٽر ئي رهيو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته بلديه الزما ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڪراچي ۾ روڊن جي مرمت ٿي رهي آهي، شهر جي ستن ضلعن ۾ روڊن جي مرمت جو ڪم جاري آهي.ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ذريعي 10 ڏينهن ۾ ٽيڪس وصولي ٿي رهي آهي، هن وقت تائين ڪي اليڪٽرڪ کان 5 ڪروڙ ٽيڪس گڏ ٿي چڪو آهي، چاهيان ٿو ته ٽيڪس گڏ ٿئي، شهر بهتر ٿئي.مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان ميونسپل ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ فول پروف ميڪنزم ٺاهيو آهي ۽ ميونسپل ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو طريقيڪار به ٺاهيو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي استعيفيٰ هن وقت تائين قبول ناهي ڪئي وئي، يعني مان اڃا تائين ايڊمنسٽريٽر آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو