اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن استعيفائن جي منظوري بابت عدالت سان رابطو ڪري ورتو.تحريڪ انصاف جي ايم اين ايز طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ درخواستگذارن ۾ علي محمد خان، فضل محمد خان، شوڪت علي، شيرين مزاري، ڊاڪٽر شندانا گلزار، فخر زمان خان، فرخ حبيب ۽ ٻيا شامل آهن. اعجاز شاهه، جميل احمد ۽ محمد اڪرم پڻ شامل آهن.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانون موجب اسپيڪر درخواستگذارن کي ٻڌڻ کانسواءِ استعيفائون قبول نٿو ڪري سگهي، اليڪشن جو اعلان اڃا ناهي ٿيو، 123 ميمبرن جون استعيفائون گڏ نه ڏٺيون ويون آهن، ان ڪري درخواستگذارن جو خط اڪلايو وڃي. استعيفيٰون اثرائتيون ناهن رهيون، جڏهن شڪور شاد جي استعيفيٰ منظور ٿي ته هن درخواست ڏني، اسپيڪر شڪور شاد جي استعيفيٰ ٻڌڻ کانسواءِ منظور ڪري ورتي، شڪور شاد جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سندس استعيفيٰ قبولڻ جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عدالت استعيفيٰ منظور ڪرڻ تي اسپيڪر کي پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ جي هدايت ڪري، عدالت اسپيڪر کي حڪم ڏئي ته درخواستگذارن ۽ ٻين 112 ميمبرن کي طلب ڪيو وڃي، جن اسپيڪر استعيفيٰ ڏني انهن جي جاچ ڪئي وڃي، انهن آرٽيڪل 64 جي ڀڃڪڙي ڪئي.










