سنڌڙي (وفا يارمحمد) ڳوٺ عبداللّٰہ نوھڙي جو اسڪول گذريل ھڪ سال کان بند ھجڻ ڪري روزانو ڏيڍ سئو شاگرد ۽ شاگردياڻيون اسڪول اچڻ بعد بغير علم حاصل ڪرڻ جي مايوس ٿي واپس وڃڻ تي مجبور بڻيل. شاگردن ۽ شاگردياڻين اسڪول آڏو احتجاج ڪندي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي چيو ته گذريل ھڪ سال اڳ ماستر ريٽارڊ ٿي ويو آھي اسان روزانو اسڪول اچون ٿا پر مايوس ٿي وقت ضايع ڪري واپس وڃون ٿا ھاڻ مائٽ اسان کي اسڪول موڪلڻ بجاءِ گاھ ڪرائڻ ۽ مال چارڻ تي مجبور ڪن ٿا. ڳوٺاڻي محراب نوھڙي ٻڌايو ته ارباب رحيم جي دور ۾ بلڊنگ ته ملي پر ھاڻ ماستر نه ھجڻ ڪري ٻارن جو مسقبل داءُ تي لڳل آھي جلد اسڪول کولي شاگردن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.










